وزيراعظم شهباز شريف جو اڄ قوم کي خطاب جو امڪان آهي.
رپورٽن مطابق وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چين جي دوري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪندو.
هوڏانهن گذريل ڏينهن ٽيڪس سڌارن ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي تي گهٽ ٽيڪس لاڳو ڪئي، ٽيڪس نظام جي مڪمل ڊجيٽائيزيشن ۽ افرادي قوت ۾ واڌ ترجيحي بنيادن تي اضافو ڪيو ويندو.
هن چيو ته ٽيڪس چورن ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن جي مدد ڪندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ جي تياريءَ دوران ئي واضح هدايتون ڏنيون ته اميرن کي ٽيڪس ڏيڻي پوندي، حڪومت بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي تي گهٽ ٽيڪس لاڳو ڪئي.
شهبازشريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيڻ لاءِ اهل ماڻهن کي جلد ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.