وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي.
وزيراعظم سعودي ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، محمد بن سلمان دعوت قبولي ورتي ۽ چيو ته هو جلد پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
سعودي ولي عهد گذريل ڇهن مهينن دوران پنجون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
سعودي ولي عهد چيو ته اها حقيقي ۽ گڏيل احترام جو ثبوت آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو.
ٻنهي اڳواڻن جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته پاڪستان ۽ سعودي جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي.
سعودي ولي عهد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪسان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تعاون کي هٿي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي ياد داشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظها ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان عوام لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا.