تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف جي فرانسيسي صدر سان ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي صدر ميڪرون سان ملاقات سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن تي فرانس جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ فرانس وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن۾ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم فرانس کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن وڌائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
27 %
1.8kmh
22 %
اڱارو
20 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون