تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف جي فرانسيسي صدر سان ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم جي صدر ميڪرون سان ملاقات سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي.

وزيراعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن تي فرانس جي ڪردار کي ساراهيو.

ملاقات ۾ پاڪستان ۽ فرانس وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن۾ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن پاڪستان فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وزيراعظم فرانس کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني.

ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن وڌائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون