تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ٻارڙن ۾ ڪلاشنڪوف ورهائڻ بدران ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن،  غريب ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا،  حڪومت سمورا وسيلا غريب ٻارڙن جي تعليم تي خرچ  ڪندي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته غريب ٻارڙا دانش اسڪولن ۾  پنهنجي تعليمي قابليت سان پاڻ مڃرائي رهيا آهن. هن چيو ته دانش اسڪول جا ٻارڙا راندين جي ميدان ۾ به  پنهنجو شاندار رڪارڊ قائم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته مٿس تنقيد ڪئي وئي ته  دانش اسڪول ڇو قائم ڪيا پيا وڃن، اميرن لاءِ ايچي سن ڪاليج ٺهي سگهي ٿو ته  غريبن ۽ يتيمن لاءِ  تعليمي ادارا ڇو قائم نه ٿا ٿي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام آباد ۾ شاندار هائوسنگ سوسائٽيز ٺهي چڪيون ۽ اميرن لاءِ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڇا تعليم رڳو اميرن جي ٻارڙن جو حق آهي،  ڇا اسلام آباد ۾ تعليم غريب ٻارڙن ۽ ٻارڙن جو حق ناهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سطح تي نئين دور جي شروعات ٿي رهي  آهي، بلوچستان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، هو بلوچستان ۾ وزيراعليٰ سان گڏجي حصو وجهندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، ان کان وڌيڪ ٻئي غفلت نه ٿي ٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون