- Advertisement -
پيپلز پارٽي جو سينيٽر يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين ۽ مسلم ليگ ن جو سردار سيدال خان ناصر ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو، جنهن کانپوءِ هنن عهدي جو قسم کڻي ورتو.
پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين ۽ مسلم ليگ ن جي سردار سيدال خان ناصر جي ڊپٽي چيئرمين چونڊڻ جو اعلان ڪيو.
پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار يوسف رضا گيلاني کان سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي جو کڻايو، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، ڊپٽي چيئرمين کي عهدي جو قسم کڻايو.
سينيٽ اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون انجام ڏنيون.
سينيٽ اجلاس جي شروعات ٿيندي ئي تحريڪ انصاف طرفان احتجاج ڪيو ويو.
تحريڪ انصاف طرفان سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته ڪي پي جي سينيٽرن جي چونڊ کانسواءِ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ غيرآئيني آهي.
قانون واري وزير سينٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته هائوس مڪمل آهي، آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وئي آهي.
وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر طور تي نون چونڊيل سينيٽرن کان حلف ورتو جنهن کان پوءِ ميمبرن رول آف ميمبرز تي صحيحون ڪيون.
آزاد حيثيت ۾ سينيٽر چونڊجندڙ فيصل واوڊا ۽ جي يو آءِ جي مولانا عبدالواسيع سينيٽ جي ميمبر طور قسم نه کنيو.- Advertisement -
