- Advertisement -
وزيراعظم وفاقي حڪومت کي پيپر ليس بڻائڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف هدايتون ڏيندي چيو ته هڪ مهيني اندر آفيس فائل جو ڪم اِي آفيس ذريعي يقيني بڻايو وڃي، ايندڙ مهيني کانپوءِ هو ڪو به فائل اِي آفيس کانسواءِ نه ڏسندو.
وزير اعظم شهباز شريف چيو ته نظام ۾ شفافيت ۽ تيزي آڻڻ لاءِ اِي آفيس لاڳو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
هن چيو ته اِي آفيس پاڪستان ۾ ڊيجٽائزيشن کي هٿي ڏيڻ ۽ گورننس ۾ بهتر آڻڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي.
وزيراعظم ٻن هفتن اندر اي آفيس لاڳو ڪرڻ بابت اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.- Advertisement -
