- Advertisement -
وفاقي حڪومت، محرام الحرام دوران سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستان حڪومتن جي درخواست تي فوج ڪوئيڪ رسپانس فورس طور مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، محرم الحرام دوران چئني صوبن، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فوج مقرر هوندي- Advertisement -
