وفاقي ڪابينا، 86 پرڏيهي پائليٽن جي لائسنس ۾ ٻن ورهين جي واڌ سميت اهم فيصلي جي منظوري

spot_img
وفاقي ڪابينا، 86 پرڏيهي پائليٽن جي لائسنس ۾ ٻن ورهين جي واڌ سميت اهم فيصلي جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ڪابينا جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهه ۾ موجود 86 پائليٽن جي لائسنس ۾ 2 سال واڌ ۽ 2025ع ۾ نون پائلٽين جي شموليت جي فارن ويليڊيشن ۾ ٽن ورهين جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ورهين ۾ ڪورونا وبا ۽ پاڪستاني پائليٽن تي پابنديءَ سبب پاڪستان ايئر لائنز کي پرڏيهه مان پائليٽن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پيون. ڪابينا ڊويزن ڄاڻايل سفارش تي مڪمل قانوني ڪارروائي بعد عمل ڪيو ويندو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم توشا خاني جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ لاءِ توشا  خانه ايڪٽ 2024ع تي نظرثانيءَ لاءِ  بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي نيشنل اسييڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرريءَ بابت قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري ڏني. وزيراعظم، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ وارو عمل تيز ڪرڻ ۽ ان عمل جي اثرائتي نگراني لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. شهبازشريف چيو ته پرائم منسٽر رليف پيڪيج  مستحقن تائين پهچائڻ لاءِ نئين اثرائتي حڪمت  عملي بڻائي وڃي

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون