پڙهيل لکيل عورتون خوشحال معاشري جو بنياد آهن:آصفه ڀٽو زرداري

spot_img
خاتون اول ۽ پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پڙهيل لکيل عورتون خوشحال معاشري جو بنياد آهن، عورتن جي تعليم ۾ سيڙپڪاري اصل ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداريءَ جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري گلوبل هب گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ملير ۾ شهيد بينظير ڀٽو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. تقريب دوران آصفه ڀٽو زرداري کي ڪيڊٽ ڪاليج جهنگ جي عورت ڪيڊٽس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو  عورتن لاءِ تعليم جي طاقت تي يقين رکندي هئي. هن چيو ته شهيد راڻيءَ جو خواب هو ته پاڪستاني عورتون تعليمي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻن، عورتن کي تعليم ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ان سفر جو حصو بڻجڻ تي کيس فخر آهي. تقريب ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه، صحت واري وزير عذرا پيچوهو، گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ملير جي سي ايِ او ڪمانڊر سهيب ۽ جافر فائونڊيش جي پيٽرن ان چيف عبدالقادر جافر پڻ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون