تازه ترين

وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي آهي. ايران جي شهر مشهد ۾ اقتصادي سهڪار تنظيم جي وزارتي ڪائنلس اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي اعزاز آهي، ميزباني ۽ مهمان نوازي لاءِ هو ايراني حڪومت جا ٿورائتا آهن. هن چيو ته اي سي او جي سيڪريٽري جنرل تنظيم ۾ نئون جذبو ۽ روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته هو اسرائيل طرفان غزا، لبنان ۽ شام ۾ ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، وچ اوڀر ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر جي ماڻهن کي تشدد ۽ جنگ کان پاڪ توڙي خوف کان آزاد زندگي گذارڻ جو هق آهي،  پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو. اسحاق ڊار چيو ته خطي جي جٽادار ترقي لاءِ اي سي او جو واپاري معاهدو مخصوص وقت ۾ ٽيرف کي گهٽ ڪري علائقائي اقتصادي مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار پليٽ فارم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
62 %
1.6kmh
7 %
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون