نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي آهي.
ايران جي شهر مشهد ۾ اقتصادي سهڪار تنظيم جي وزارتي ڪائنلس اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي اعزاز آهي، ميزباني ۽ مهمان نوازي لاءِ هو ايراني حڪومت جا ٿورائتا آهن.
هن چيو ته اي سي او جي سيڪريٽري جنرل تنظيم ۾ نئون جذبو ۽ روح ڦوڪي ڇڏيو آهي.
اسحاق ڊار چيو ته هو اسرائيل طرفان غزا، لبنان ۽ شام ۾ ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، وچ اوڀر ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر جي ماڻهن کي تشدد ۽ جنگ کان پاڪ توڙي خوف کان آزاد زندگي گذارڻ جو هق آهي، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو.
اسحاق ڊار چيو ته خطي جي جٽادار ترقي لاءِ اي سي او جو واپاري معاهدو مخصوص وقت ۾ ٽيرف کي گهٽ ڪري علائقائي اقتصادي مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار پليٽ فارم آهي.