وڏي وزير مراد علي شاهه عيد جي سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز سان ملاقاتون ڪيون.
ترجمان موجب مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز وڏي وزير مراد علي شاهه کي عيد جون واڌايون ڏنيون.
وڏي وزير مراد علي شاهه قونصل جنرلز جا عيد ملڻ لاءِ اچڻ تي ٿورا مڃيا.
غير مسلم ملڪن جي سفارتڪارن عيد کي محبتون ورهائڻ جو تهوار قرار ڏنو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عيد تي دوست مسلم ملڪن جي سفارتڪارن مٺايون موڪلي خوشين ۾ شامل ڪيو آهي.