تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

يمن جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب آفريڪا مان نيڪالي ڏنل 38 مهاجر فوت ۽ 100 ڄڻا گم ٿي ويا

يمن جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب آفريڪا مان نيڪالي ڏنل 38 مهاجر فوت ۽ 100 ڄڻا گم ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب يمني اختيارين جو چوڻ آهي ته مهاجرن جي ٻيڙي عدن جي اوڀر ۾ واقع شبوا گورنري جي سامونڊي ڪناري تي پهچڻ کان اڳ ئي رودام ضلعي ۾ سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا فوت ٿي ويا.

رپورٽ موجب حادثي دوران ماهيگيرن ۽ مقامي ماڻهن 78 ماڻهن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب ٻيڙي ۾ بچي ويل ماڻهن امدادي ڪارڪنن کي ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ ڪل 250 ماڻهو سوار هئا، ٻيڙي تيز هوائن سبب ٻڏي وئي.

عدن جي اوڀرندي ضلعي روڊم جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻيڙي تي سوار ماڻهو مهاجر هئا، جن مان اڪثريت جو تعلق ايٿوپيا سان آهي، جيڪي يمن کي نار جي رياستن تائين پهچڻ لاءِ يمن کي ٽرانزٽ پوائنٽ طور استعمال ڪندا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون