تازه ترين

يمن جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب آفريڪا مان نيڪالي ڏنل 38 مهاجر فوت ۽ 100 ڄڻا گم ٿي ويا

يمن جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب آفريڪا مان نيڪالي ڏنل 38 مهاجر فوت ۽ 100 ڄڻا گم ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب يمني اختيارين جو چوڻ آهي ته مهاجرن جي ٻيڙي عدن جي اوڀر ۾ واقع شبوا گورنري جي سامونڊي ڪناري تي پهچڻ کان اڳ ئي رودام ضلعي ۾ سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا فوت ٿي ويا.

رپورٽ موجب حادثي دوران ماهيگيرن ۽ مقامي ماڻهن 78 ماڻهن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب ٻيڙي ۾ بچي ويل ماڻهن امدادي ڪارڪنن کي ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ ڪل 250 ماڻهو سوار هئا، ٻيڙي تيز هوائن سبب ٻڏي وئي.

عدن جي اوڀرندي ضلعي روڊم جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻيڙي تي سوار ماڻهو مهاجر هئا، جن مان اڪثريت جو تعلق ايٿوپيا سان آهي، جيڪي يمن کي نار جي رياستن تائين پهچڻ لاءِ يمن کي ٽرانزٽ پوائنٽ طور استعمال ڪندا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون