تازه ترين

يهودي رياست فلسطين ۾ انسانيت جو قتل عام ڪري رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يهودي رياست فلسطين ۾ انسانيت جو قتل عام ڪري رهي آهي، فلسطين ۾ وستين جون وستيون قبرستان بڻجي ويون آهن، عالمي قانونن تي عمل نه ٿيڻ سبب فلسطين ۾ ظلم جي بازار گرم آهي،  فلسطيني ماڻهو مدد لاءِ آسمان طرف ڏسي رهيا آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي دنيا اسماعيل هانيه جي شهادت تي ڏکويل آهي، هو اتفاق راءِ سان ٺهراءَ پاس ڪرڻ تي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهي، اسماعيل هانيه جي شهادت امن جي ڪوششن کي وڌو ڌچڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطينين سان ٻڌي جو اظهار ڪري ٿو، فلسطين مسئلي تي اکيون بند ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، فلسطين اڄ هڪ مقتل گاهه بڻجي چڪو آهي، اتي سري عام عالمي قانون جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هزارين شهيدن جو رت انصاف کي پڪاري رهيو آهي، فلسطين ۾ جاري ظلم انساني حقن جو سوال آهي، عالمي قانون تي عمل نه ٿيڻ سان فلسطين ۾ ظلم جي بازار گرم آهي، 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته يهودي رياست فلسطين ۾ انسانيت جو قتل عام ڪري رهي آهي، فلسطين ۾ وستين جون وستيون قبرستان بڻجي ويون آهن، جن گهٽين ۾ ٻار راند کيڏندا هئا اڄ اتان دانهن جا آواز اچي رهيا آهن، هڪ فلسطيني ٻار چيو هو ته کين ان لاءِ ماريو پيو وڃي ته هو مسلمان آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان فلسطين جي امداد جاري رکندو، فلسطيني زخمين، ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان آندو ويندو، زخمي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي علاج لاءِ پاڪستان آڻڻ جو انتظام ڪيو ويندو، اڄ سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
3.2kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون