تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٺارو شاهه ۾  زيادتيءَ کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگريءَ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

- Advertisement -
ٺارو شاهه ۾  زيادتيءَ کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگريءَ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. ٺارو شاهه ۾ عيد ڏهاڙي زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري دعا سولنگي کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ٺارو شاهه ۾ نينگري کي  ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. نوشهرو فيروز لنڪ روڊ تي نينگري دعا سولنگي سان ڏاڍائي ۽ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار ضمير عرف ضمو سيال مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فريادتي نينگري جي قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ته جوابدار پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب جوابدار مارجي ويو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار وٽان هٿيار پڻ مليو آهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول نينگري جي گهر ۾ سوڳ جي صورتحال آهي ۽ والدين کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن. مقتول نينگري جي وارثن چيو ته ساڻن وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، نينگري جي گم ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڳولا ۾ سندن ڪابه مدد نه ڪئي. هنن چيو ته جيڪڏهن پوليس وقت تي ڪارروائي ڪري ها ته سندن نينگري ملي وڃي ها……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون