تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو حيدرآباد بدين روڊ تي حاجي بس اسٽاپ وٽ ٽائر پنچر ٿيڻ سبب سوزوڪي پڪ اپ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ هڪ عورت فوت  ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ 30 ورهين جي هيمي ڪولهي فوت ۽ مسمات ڀاڳو، رامي، جيمي، ريسر، ڪشو، نارو راجو، ڪرشن ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

جاتي ۾ ڪار جي ٽڪر ۾  نينگري فوت ٿي وئي.

مير خانه موري وٽ  ڪار جي ٽڪر ۾  10 سالن جي آمنا سميجو ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي،جڏهن ته ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي نينگري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڪوٽڏيجي ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو.

ڳوٺ جاڙو خان ڪانڌڙو ۾ ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي ستن سالن جو احمد علي ڪانڌڙو فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيو ويو.

والد جو چوڻ هو ته ٽريڪٽر ڊرائيور جي لاپرواهي سبب سندس پٽ ٽرالي هيٺان اچي فوت ٿيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي  ويو.

خانپور مهر ويجهو عيد ڏهاڙي حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اعجاز سومرو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
29 %
1.8kmh
45 %
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
22 °
آچر
22 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون