تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ٽنڊي غلام حيدر ويجهو حيدرآباد بدين روڊ تي حاجي بس اسٽاپ وٽ ٽائر پنچر ٿيڻ سبب سوزوڪي پڪ اپ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ هڪ عورت فوت  ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ 30 ورهين جي هيمي ڪولهي فوت ۽ مسمات ڀاڳو، رامي، جيمي، ريسر، ڪشو، نارو راجو، ڪرشن ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. جاتي ۾ ڪار جي ٽڪر ۾  نينگري فوت ٿي وئي. مير خانه موري وٽ  ڪار جي ٽڪر ۾  10 سالن جي آمنا سميجو ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي،جڏهن ته ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي نينگري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ڪوٽڏيجي ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو. ڳوٺ جاڙو خان ڪانڌڙو ۾ ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي ستن سالن جو احمد علي ڪانڌڙو فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيو ويو. والد جو چوڻ هو ته ٽريڪٽر ڊرائيور جي لاپرواهي سبب سندس پٽ ٽرالي هيٺان اچي فوت ٿيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي  ويو. خانپور مهر ويجهو عيد ڏهاڙي حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اعجاز سومرو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون