تازه ترين

ٺارو شاهه ۾  زيادتيءَ کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگريءَ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

ٺارو شاهه ۾  زيادتيءَ کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگريءَ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

ٺارو شاهه ۾ عيد ڏهاڙي زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري دعا سولنگي کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ٻئي طرف ٺارو شاهه ۾ نينگري کي  ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

نوشهرو فيروز لنڪ روڊ تي نينگري دعا سولنگي سان ڏاڍائي ۽ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار ضمير عرف ضمو سيال مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فريادتي نينگري جي قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ته جوابدار پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب جوابدار مارجي ويو.

پوليس موجب مارجي ويل جوابدار وٽان هٿيار پڻ مليو آهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف مقتول نينگري جي گهر ۾ سوڳ جي صورتحال آهي ۽ والدين کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن.

مقتول نينگري جي وارثن چيو ته ساڻن وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، نينگري جي گم ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڳولا ۾ سندن ڪابه مدد نه ڪئي.

هنن چيو ته جيڪڏهن پوليس وقت تي ڪارروائي ڪري ها ته سندن نينگري ملي وڃي ها……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
34.7 ° C
34.7 °
34.7 °
9 %
9.3kmh
34 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون