- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ بندي معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا.
قطري پرڏيهي وزارت طرفان بيان جاري ڪرڻ کانپوءِ بچاءَ واري وزير خواجا آصف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي سيز فائر معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سيز فائر معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان کان دهشتگردي جو سلسلو فوري طور تي بند ٿيندو، پاڙيسري ملڪ هڪٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا.
بچاءَ واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته 25 آڪٽوبر تي استبنول ۾ ٻيهر وفدن جي ملاقات ٿيندي ۽ معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻوله ٿيندي، هو قطر ۽ ترڪيه ٻنهي برادر ملڪن جا دل جي گهرائين سان شڪرگذار آهن……….- Advertisement -
