- Advertisement -
ٻٻرلوءِ پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرم آباد شاھلڌاڻي لنڪ روڊ تي هٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ م هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ آصف ولد شھزادو وساڻ طور ٿي سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
خيرپور پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري آصف وساڻ موٽر سائيڪل ڦر، چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهي جڏهن ته سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
