تازه ترين

پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن جو ورسٽائل اداڪار ۽ هدايتڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن جو ورسٽائل اداڪار ۽ هدايتڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو . ناليوارو اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو. اڌي صديءَ تائين پاڪستاني شوبز انڊسٽري تي حڪمراني ڪندڙ طلعت حسين بيماري سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه سان طلعت حسين جي نياڻي والد جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. طلعت حسين ڀارت جي شهر دهليءَ ۾  1940ع ۾ پيدا ٿيو هو، سندس تعلق هڪ پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال خاندان سان هو. طلعت حسين جو والد ورهاڱي کان اڳ سرڪاري ملازم هو ۽ سندس امڙ ريڊيو تي شوقيه پروگرام ڪندي هئي، طلعت حسين کي هڪ ڀاءُ به هو، سندن خاندان دهلي کان هجرت ڪري پاڪستان آيو. طلعت حسين 1967ع ۾ ڪم جي شروعات پي ٽي وي کان ڪئي، هو اداڪاري جي شعبي ۾ ادارا جو درجو رکندو هو، هن پرڏيهه ۾ به ڪيترن ئي چينلن تي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. طلعت حسين 1972ع ۾ پروفيسر رخشنا سان شادي ڪي، کين ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي. طلعت حسين جي مشهور ڊرامن ۾ طارق بن زياد، بندش، ديس پرديس، عيد ڪا جوڙا، هوائين، ڪشڪول ۽ ٻيا شامل آهن. طلعت حسين ڊرامن سان گڏوگڏ فلمن ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، فلمن ۾ چراغ جلتا راها، گمنام، انسان اور آدمي ۽ ٻيو ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن. طلعت حسين کي بهترين اداڪاري جي اعتراف ۾ 1983ع کان 1985ع تائين تمغا ئي حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو. ڪجهه مهينا اڳ اداڪار طلعت حسين جي نياڻي تزين حسين چيو هو ته ڊيمينشيا سبب سندس والد جي يادداشت متاثر ٿي رهي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيس ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون