پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد پاڪستان جي موجوده ٽيم جي مشهور رانديگرن بابت هڪ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 120 رنسن جو هدف حاصل نه ڪرڻ تي پاڪستاني رانديگر خاص طور تي بيٽسمين سخت تنقيد جو شڪار آهن.
هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد چيو ته جڏهن به ڪنهن وڏي ٽيم خلاف ميچ ٿيندي آهي ۽ پريشر وڌي ويندو آهي ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان به ان ئي انداز ۾ آئوٽ ٿي ويندا آهن.
هن چيو ته اسان ڪڏهن به نون رانديگرن کي تربيت نه ڏني آهي، دنيا ۾ نوان رانديگر تيار ڪيا ويندا آهن، پر هتي نون آيلن کي ڍال طور استعمال ڪيو ويو، اعظم خان ۽ صائم ايوب خلاف مهم هلائي وئي، ان جو سمورو ملبو مٿس اڇلايو، جنهن کانپوءِ ماڻهو مٿس تنقيد ڪندا آهن.
احمد شهزاد چيو ته انهن ئي ماڻهن اهڙيون خبرون پکيڙيون ته بابر اعظم روئي رهيو آهي، رضوان ٽن ڏينهن کان ماني نه کاڌي آهي، شاداب چئن ڏينهن کان ننڊ نه ڪئي آهي، اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، شاپنگ ٿيندي رهندي آهي، آئون به ان ئي ٽيم سان تعلق رکان ٿو ، اهي سڀ ڳالهيون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ هونديون آهن.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد بابر اعظم ۽ محمد رضوان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حقيقت اها آهي ته ٻنهي رانديگرن گذريل 4-5 سالن ۾ سوشل ميڊيا تي پئسو خرچ ڪري پنهنجو قد وڌايو ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙوڌي آهي..