- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ ايڪچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس ڪاروبار دوران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزار جي حد پار ڪري وئي.
نئين حڪومت چونڊجڻ بعد سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي ويو جنهن سان گڏ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به نئين تاريخ رقم ٿي وئي.
اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي پاڪستان اسٽاڪ ۾ هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ ڪاروبار دوران هنڊريڊ انڊيڪس 473 پوائنٽس جي اضافي بعد 68 هزار 229 تائين پهتي.
انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر 2 پيسا سستو ٿيڻ بعد 277 رپيا 90 پيسا جو ٿي ويو.
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.- Advertisement -
