تازه ترين

پاڪستان طرفان ٽي ٽي پي سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جو امڪان رد

- Advertisement -
پاڪستان طرفان ٽي ٽي پي سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جو امڪان رد ڪيو ويو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن،  افغانستان ۾ سمورن ڌڙن سان رابطو آهي،  غير قانوني پرڏيهين بابت ڪا مخصوص پاليسي ناهي،  افغان پناهگيرن کي جلد عزت سان ڏيهه واپس وڃڻ گهرجي،  ون ڊاڪيومينٽ رجيم بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيل جي خطي ۾ مهم جوئي خطرناڪ آهي، هو فلسطين کي تسليم ڪن ٿا، عالمي برادري اسرائيل کي سندس ڏوهن جي احتساب لاءِ ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان داسو حملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيو آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ان بابت آگاهه ڪيو ويندو، چين جي انٽر ايجنسي جي سڪيورٽي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته چيني وفد جي دوري جو مقصد پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ڪمپنين جي حفاظتي انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي، وزيراعظم جي چين دوري بابت تاريخ جو اعلان ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن،  افغانستان ۾ سمورن ڌڙن سان رابطو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته غير قانوني پرڏيهين بابت ڪا مخصوص پاليسي ناهي،  افغان پناهگيرن کي جلد عزت سان ڏيهه واپس وڃڻ گهرجي،  ون ڊاڪيومينٽ رجيم بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
14 %
3.4kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون