تازه ترين

ملتان سلطانز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتي ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

پاڪستان سپر ليگ 9 جي پنجين ميچ ۾ ملتان سلطانز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتي ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران ڏنل 145 رنسن جو هدف ملتان سلطانز آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.

ملتان ۾ پي ايس ايل 9 جي پنجين ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

ملتان سلطانز جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 144 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان آغا سلمان 52 رنسون ۽ جورڊن ڪاڪس 41 رنسون اسڪور ڪيون، ان کان علاوه اعظم خان 13، شاداب خان 11، ڪولن منرو 8 ۽ ايلڪس هيلز 2 رنسون اسڪور ڪيون.

عماد وسيم ٻڙي، فهيم اشرف هڪ ۽ نسيم شاهه 2 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، اهڙي ريت پوري ٽيم 20 اوورن ۾ 144 رنسون ٺاهي سگهي.

ملتان سلطانز طرفان محمد علي ۽ عباس آفريدي 3-3 وڪيٽون ورتيون، اساما مير 2 ۽ ڊيوڊ ولي هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

ملتان سلطانز طرفان 145 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪيو، رضا هينڊرڪس 58 ۽ محمد رضوان 43 رنسن جي اننگز کيڏي، ياسر خان 8، خوشدل شاهه 3 ۽ ڊيوڊ مولن ٻڙي تي آئوٽ ٿيا.

اسلام آباد طرفان نسيم شاهه 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، عماد وسيم، ٽائمل ملز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ملتان سلطانز جي ايونٽ ۾ اها لاڳتيي ٻي ڪاميابي آهي، ۽ 4 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون