ملتان سلطانز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتي ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

- Advertisement -
پاڪستان سپر ليگ 9 جي پنجين ميچ ۾ ملتان سلطانز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتي ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران ڏنل 145 رنسن جو هدف ملتان سلطانز آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. ملتان ۾ پي ايس ايل 9 جي پنجين ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 144 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان آغا سلمان 52 رنسون ۽ جورڊن ڪاڪس 41 رنسون اسڪور ڪيون، ان کان علاوه اعظم خان 13، شاداب خان 11، ڪولن منرو 8 ۽ ايلڪس هيلز 2 رنسون اسڪور ڪيون. عماد وسيم ٻڙي، فهيم اشرف هڪ ۽ نسيم شاهه 2 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، اهڙي ريت پوري ٽيم 20 اوورن ۾ 144 رنسون ٺاهي سگهي. ملتان سلطانز طرفان محمد علي ۽ عباس آفريدي 3-3 وڪيٽون ورتيون، اساما مير 2 ۽ ڊيوڊ ولي هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ملتان سلطانز طرفان 145 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪيو، رضا هينڊرڪس 58 ۽ محمد رضوان 43 رنسن جي اننگز کيڏي، ياسر خان 8، خوشدل شاهه 3 ۽ ڊيوڊ مولن ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. اسلام آباد طرفان نسيم شاهه 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، عماد وسيم، ٽائمل ملز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز جي ايونٽ ۾ اها لاڳتيي ٻي ڪاميابي آهي، ۽ 4 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون