سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. جيڪب آباد ۾  ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب  ٿرڙي واسي ٻه  نوجوان  فوت ٿي ويا. صدر ٿاڻي جي حد ۾ روڊ حادثي ۾ جاويد احمد  ۽ سندس سئوٽ ننڍُو فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي نوجوانن جا لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. ڊگهڙي ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ڊرائيور زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ سبب زخمي ٿيل ڊرائيور دلبر مگسي حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون