پاڪستان غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي غزا ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي ڳڻتي آهي، فلسطين جي عوام سان ٻڌي لاءِ گڏ بيٺل آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اسرائيل پاران غزا ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو عمل آهي، معصوم شهرين کي بڻانو بڻائڻ تهذيبي اصولن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي غزا تائين امدادي سامان جي پهچ لاءِ راهداري کولڻ گهرجي، هو غزا جي بگڙجندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ميمبرن ملڪن سان رابطي ۾ آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران پرڏيهي وزير 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزا جي عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ تي زور ڀريندو.