تازه ترين

پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، هو دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار وڌائڻ  جا خواهشمند آهن.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان قطر جي هٿياربند فج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل پائلٽ سالم حمد عقيل البنيط جي  ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن  ۽ علائقائي سلامتي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، هو دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار وڌائڻ  جا خواهشمند آهن.

قطري هٿياربند فوج جي سربراهه خطي ۾ امن لاءِ  پاڪ فوج جي مسلسل  ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجن جي سربراهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپا جاري رکڻ جو عزم ورجايو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون