تازه ترين

پاڪستان معاشي محاذ تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن: محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي محاذ تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، مهانگائي هاڻي سنگل ڊيجٽ ۾ اچي چڪي آهي. چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته معاشي استحڪام ۽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي. سندس چوڻ هو ته موجوده مٽاسٽا جا ذخيرا اڍائي مهينن لاءِ ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ ڪافي آهن، پاڪستان جي معاشي ڪاميابين کي عالمي سطح تي به ساراهيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٽن وڏين عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ڪئي. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته گذريل مالي سال ۾ ملڪ جي ڊي پي ۾ 3 سيڪڙو واڌ ٿي، هلندڙ سال 4 سيڪڙو کان وڌيڪ جي ترقي جو هدف هو. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب ڪجهه ترقي متاثر ٿي سگهي ٿي، اميد آهي ته هلندڙ مالي سال 3 ڏهائي 5 سيڪڙو واڌ جي شرح حاصل ڪري وٺندا. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،تازو ئي بيجنگ ۾ 24 گڏيل منصوبن تي معاهدا ٿيا، سيڙپڪاري جي نون موقعن تي به غور ڪيو پيو وڃي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
11 %
5.5kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون