- Advertisement -
پاڪستان ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 127 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستاني ٽيم ٻئي اننگز ۾ ويسٽ خلاف 157 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي، پاڪستان، ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 251 رنسن جو هدف ڏنو.
مهمان ٽيم 251 رنسن جو هدف حاصل ڪندي رڳو 123 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستاني اسپنر ساجد خان ميچ ۾ مجموعي طور 9 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ميزبان پاڪستان ٽاس کٽي پهريان کيڏندي پهرين اننگز ۾ 230 رنسون ٺاهيون.
مهمان ٽيم پهرين اننگز ۾ 137 رنسون ٺاهي سگهي هئي.
ٻئي اننگز ۾ پاڪستان جي ٽيم رڳو 157 رنسون ٺاهي سگهي.
251رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم رڳو 123 رنسون ٺاهي سگهي ۽ پاڪستان 127 رنسن تان پهرين ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي- Advertisement -
