پاڪستان، شام جي راڄڌاني دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان چيو آهي ته ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن ۽ سفارتي سهولتن خلاف حملا غيرقانوني آهن، سلامتي ڪائونسل کي گهرجي ته اسرائيل کي خطي ۾ مهم جوئي ۽ پاڙيسرين تي حملا ڪرڻ کان روڪن.
پرڏيهي آفيس موجب اسرائيلي فوج جو غير ذميواراڻو عمل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو جو سبب بڻجندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي حملو شام جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي، حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي به ڀڃڪڙي آهي.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


