تازه ترين

پاڪستان ڏيوالو ٿي چڪو آهي، عوام کي فوري رليف ڏيڻ ممڪن ناهي؛ خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ڏيوالو ٿي چڪو آهي، عوام کي فوري رليف ڏيڻ ممڪن ناهي، هڪ کان ٻن سالن اندر ملڪي معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ عوام کي ڀرپور رليف ملندو، تمام وڏو طبقو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي، اربين رپين جي ٽيڪس جا ڪيس عدالتن ۾ رولڙي جو شڪار آهن، فيصلا نه ٿي رهيا آهن. سيالڪوٽ ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عدليا ۾ مداخلت بابت ججن جي خط واري معاملي تي رد عمل ڏيندي خواجا آصف چيو ته مداخلت ته 75 ورهين کان جاري آهي پر ضمير هاڻي جاڳيو آهي، ضمير ڪهڙي سبب جاڳيو؟، ان ڳالهه جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڏيوالو ٿي چڪو آهي، عوام کي فوري رليف ڏيڻ ممڪن ناهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هڪ کان ٻن سالن اندر ملڪي معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ عوام کي ڀرپور رليف ملندو، تمام وڏو طبقو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي جنهن ۾ ريٽيلر ۽ هول سيلر شامل آهن. هن چيو ته ٽيڪس رڳو ڪجهه لک ماڻهو ڏيندا آهن، جنهن ۾ وڏو انگ پگهاردار طبقي جو آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اربين رپين جي ٽيڪس جا ڪيس سالن کان عدالتن ۾ رولڙي جو شڪار آهن، فيصلا نه ٿي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
36 %
2.1kmh
77 %
اربع
24 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون