تازه ترين

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ۾ فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ لڳائي وئي

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ۾ فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ لڳائي وئي. آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ پاڪستاني رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ لڳائي وئي. ٽريننگ ڪيمپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر حصو وٺي رهيا آهن. انسٽرڪٽرن پاران رانديگرن کي مختلف قسم جي جسماني فٽنيس جون مشقون ڪرايون پيون وڃن، ٽريننگ دوران رانديگرن جي ڊسيپلين ۽ ٽيم اسپرٽ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ جي شروعات 28 مارچ تي ٿي جيڪا 9 اپريل تي پڄاڻي تي پهچندي. رانديگرن ٽريننگ ڪيمپ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پي ايم اي ۾ سندن تربيت ٿي رهي آهي ۽ هو پنهنجي ٽريننگ مان ڏاڍا مطمئن آهن، هتي تمام سٺو ماحول آهي ۽ کين اميد آهي ته هن تربيت جو مستقبل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو. رانديگرن چيو ته سندن ٽرينر ڏاڍا پروفيشنل آهن ۽ هو هتي تمام سٺي تربيت وٺي رهيا آهن. اسٽاف ٽرينر چيو ته فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ ۾ تمام وڏا رانديگر موجود آهن ۽ هڪ فزيڪل ٽرينر جي حيثيت سان سندس اهو مقصد آهي ته رانديگرن ۾ برداشت ۽ لچڪ جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ۾ فزيڪل ٽريننگ سان گڏو گڏ ايڊونچر ڪورسز جو انتظام به ڪيو ويندو آهي، دوست ملڪن کان ايندڙ آفيسر به هتي ٽريننگ لاءِ اچن ٿا……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
45 %
3.5kmh
6 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون