تازه ترين
حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي: مراد علي شاهه پي ٽي آءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته سندن حق آهي، حالتن جا ذميوار تحريڪ انصاف وارا پاڻ آهن؛ شرجيل ... مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي هاڻي گهڻو ٿي ويو، پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف گڏ نه ٿا هلي سگهن، تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ لاءِ ڪيس داخل ڪ... مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ن... لاهور جي عدالت 9 مئي ڀڃڊاهه بابت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي... سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 14ڄڻا فوت ۽ 29 زخمي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 42 رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 42 رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي وئي.

پاڪستان جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستاني ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون.

محمد رضوان 38 ۽ فخر زمان 33 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيا، ٻيو ڪوبه بيٽر ڪيويز بالرن اڳيان نه ڄمي سگهيو.

حسيب الله خان ٻڙي، بابراعظم 13، محمد نواز 1، افتخار احمد 5، صاحبزادا فرحان 19 ۽ ڪپتان شاهين آفريدي 1 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، ميٽ هينري، لوڪي فرگسن ۽ اش سوڌي 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستان طرفان 135 رنسن جي هدف پٺيان نيوزيلينڊ جي ٽيم 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي، گلين فلپس 26 ۽ فن ايلن 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان افتخار احمد 3، محمد نواز ۽ شاهين آفريدي 2-2، زمان خان ۽ اسامه مير هڪ هڪ رانديگر کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

افتخار احمد کي 24 رنز ڏئي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

جڏهن ته ڪيويز اوپنر فن ايلن کي پليئر آف دي سيريز جي ايوارڊ سان نوازيو ويو……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
27 ° C
27 °
27 °
43 %
2.9kmh
81 %
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون