چونڊ آفيسن تي حملن سان پرامن چونڊون ڪيئن ٿينديون: سعيد غني

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته چونڊ آفيسن تي حملن سان پرامن چونڊون ڪيئن ٿينديون،  سياسي پارٽين کي سياسي رويو اختيار ڪرڻو پوندو،  ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن سڀ کان وڌيڪ آهن، جاچ ٿيڻ گهرجي ته حملو ڪندڙ جي پويان ڪير آهي،  ايم ڪيو ايم وارا ماڻهن کي هيسائي ڪنهن جي به خدمت نه ڪري رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سعيد غني سان ملاقات ڪرڻ بعد پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته هو ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪن ٿا، اميد آهي نوان شامل ٿيل ماڻهو ساڳئي جذبي سان ڪم ڪندا. هن چيو ته سينٽرل ضلعي جي آفيس ۾ گذريل رات ايم ڪيو ايم جي ماڻهن حملو، حملي جي وڊيو سندن وٽ موجود آهي پوليس ۽ رينجرز کي ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آفيسن تي حملا ٿيندا ته پرامن اليڪشن ڪيئن ٿيندي؟، ايم ڪيو ايم ماڻهن کي هيسائي ڪنهن به طرح جي خدمت نه ڪري رهي آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جو خيال هو ته سينٽرل ضلعي ۾ ڪابه ٻي پارٽي آفيس نٿي کولي سگهي، هي ڪارروايون مصطفيٰ ڪمال جي بيانن جو تسلسل آهن، مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته وڙهڻ تي اچن تي ڪير به کٽي نه سگهندو. هن چيو ته جاچ ڪرائي وڃي ته ڪنهن جي هدايت تي پيپلز پارٽي جي آفيس تي حملو ڪيو ويو، سنڌ هائيڪورٽ جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جو فيصلو آيو آهي، اهو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪنهن بورڊ تي ڪنهن ليڊر جي تصوير لڳي ته ايف آءِ آر ٿيندي. پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اليڪشن دوران اهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي، ائين ته هر ڪو هڪٻئي جون تصويرون لڳائي ڪيس داخل ڪرائيندو، هن يا سندس مخالف جي تصوير لڳائي وڃي ته ڪهڙي قانون تحت ايف آءِ آر ٿيندي. سندس چوڻ هو ته پوليس کي اپيل آهي ته فيصلي سبب دٻاءَ ۾ اچي اهڙي حرڪت نه ڪري، ايم ڪيو ايم ختم ٿي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان پي ايس پي مافيا جي ڪنٽرول ۾ آهي، خالد مقبول صديقي بي وس ڪنوينر آهي. پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي، آڪٽوبر ۾ مسلم ليگ نون جهڙو جلسو ڪيو اها سڀني کي خبر آهي، ن ليگ وارا پنجاب ۾ پاڻ کي وڏو مضبوط سمجهندا هئا، جڏهن ن ليگ ميدان ۾ لٿي ته خبر پئجي وئي ته ڪيترا ماڻهو گڏ آهن…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
31%
4.7m/s
8%
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون