پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ۾ فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ لڳائي وئي.
آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ پاڪستاني رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ لڳائي وئي.
ٽريننگ ڪيمپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر حصو وٺي رهيا آهن.
انسٽرڪٽرن پاران رانديگرن کي مختلف قسم جي جسماني فٽنيس جون مشقون ڪرايون پيون وڃن، ٽريننگ دوران رانديگرن جي ڊسيپلين ۽ ٽيم اسپرٽ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.
فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ جي شروعات 28 مارچ تي ٿي جيڪا 9 اپريل تي پڄاڻي تي پهچندي.
رانديگرن ٽريننگ ڪيمپ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پي ايم اي ۾ سندن تربيت ٿي رهي آهي ۽ هو پنهنجي ٽريننگ مان ڏاڍا مطمئن آهن، هتي تمام سٺو ماحول آهي ۽ کين اميد آهي ته هن تربيت جو مستقبل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.
رانديگرن چيو ته سندن ٽرينر ڏاڍا پروفيشنل آهن ۽ هو هتي تمام سٺي تربيت وٺي رهيا آهن.
اسٽاف ٽرينر چيو ته فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ ۾ تمام وڏا رانديگر موجود آهن ۽ هڪ فزيڪل ٽرينر جي حيثيت سان سندس اهو مقصد آهي ته رانديگرن ۾ برداشت ۽ لچڪ جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.
آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ۾ فزيڪل ٽريننگ سان گڏو گڏ ايڊونچر ڪورسز جو انتظام به ڪيو ويندو آهي، دوست ملڪن کان ايندڙ آفيسر به هتي ٽريننگ لاءِ اچن ٿا……..