پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف پاڪستان کان 37 مهينن لاءِ قرض جي پروگرام تي راضي ٿي ويو آهي، نئين قرض پروگرام جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي نئين معاهدي تحت پاڪستان کي 37 مهينن دوران 7 ارب ڊالر ملندا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پروگرام ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط ڪرڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ جا قدم شامل آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي 2023 اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي تحت حاصل معاشي استحڪام جي بنياد تي توسيعي فنڊ جي سهولت ميسر آهي، نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو.
آءِ ايم ايف جي بيان موجب پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي هٿي ملي آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته معاشي استحڪام لاءِ پاڪستان ٽيڪس آمدني وڌائيندو، قرض پروگرام دوران جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جو حصو ٽي سيڪڙو تائين وڌايو ويندو، رٽيل سيڪٽر ۾ به ٽيڪس نيٽ وڌايو ويندو، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڪٽر کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو.