پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ اڄ کيڏي ويندي.
گذريل ڏينهن ويلنگٽن ۾ قومي اسڪواڊ جو بيسن ريزرو گرائونڊ ۾ آپشنل ٽريننگ سيشن راندينگرن بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي.
پريڪٽس کان اڳ رانديگرن وارم اپ ڊرلز ۾ به حصو ورتو، ڪوچز جي نگرانيءَ ۾ رانديگرن فيلڊنگ پريڪٽس به ڪئي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سريز جي آخري ميچ اڄ صبح سوا يارهين وڳي ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندي.
واضع رهي ته پنج ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي پهريان ئي ٽي هڪ جي فيصلائتي برتري حاصل آهي.