تازه ترين

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

- Advertisement -
پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو. هڪ ڏهائي 3 ارب ڊالر قرض جي لاءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پهرين جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو. پڌرائي موجب، عالمي مالياتي فنڊ موجب، آءِ ايم ايف جي ٽيم جي قيادت نيٿن پورٽر ڪئي، معاهدي جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو بورڊ ڏيندو. منظوري جي صورت ۾ موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 28 مهينن جي ارينجمينٽ تحت هڪ ڏهائي 3 ارب ڊالر ملندا. پروگرام تحت مجموعي قرض جي رقم 2 ارب ڊالر ٿي ويندي، توسيع فنڊ فيسيليٽي ارينجمينٽ 37 مهينن لاءِ هوندو. آءِ ايم ايف موجب، پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 2015 جي گھٽ ترين سطح تي آهي، 18مهينن دوران پاڪستان چيلينجز باوجود ميڪرو ڪنامڪ استحڪام جي بحالي ۾ اڳڀرائي ڪئي. آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان ۾ معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي، معاشي سرگرميون هوريان هوريان وڌڻ جو امڪان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون