تازه ترين

پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ چونڊن دوران چونڊ عمل ۾ مداخلت جي الزامن تي ڳڻتي آهي ۽ ان دوران غير ضروري پابندين جي مذمت ڪري ٿو : ميٿو ملر

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ چونڊن دوران چونڊ عمل ۾ مداخلت جي الزامن تي ڳڻتي آهي ۽ ان دوران غير ضروري پابندين جي مذمت ڪري ٿو.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي جمهوري ۽ چونڊ ادارن محفوظ چونڊ عمل مڪمل ڪيو، پولنگ ورڪرن، سول سوسائٽي، صحافين ۽ اليڪشن مبصرن کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ تي پاڪستان جو واکاڻ جوڳو عمل آهي، هو عالمي ۽ مڪاني تجزئي نگارن جو تجزين جو جائزو وٺي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هو چونڊن دوران غير ضروري پابندين جي مذمت ڪن ٿا ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت جي الزامن تي ڳڻتي آهي، ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.

ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ ايندڙ حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي، پاڪستان ۾ جيڪا به سياسي پارٽي حڪومت ٺاهي، هو پنهنجي پنهنجي سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط ڪرن لاءِ پرعزم آهن، اهڙو محفوظ ماحول پيدا ڪيو وڃي جيڪو پاڪستان جي عوام کي امن، جمهوريت ۽ ترقي فراهم ڪري، جنهن جا اهي حقدار آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون