تازه ترين

پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ چونڊن دوران چونڊ عمل ۾ مداخلت جي الزامن تي ڳڻتي آهي ۽ ان دوران غير ضروري پابندين جي مذمت ڪري ٿو : ميٿو ملر

- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ چونڊن دوران چونڊ عمل ۾ مداخلت جي الزامن تي ڳڻتي آهي ۽ ان دوران غير ضروري پابندين جي مذمت ڪري ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي جمهوري ۽ چونڊ ادارن محفوظ چونڊ عمل مڪمل ڪيو، پولنگ ورڪرن، سول سوسائٽي، صحافين ۽ اليڪشن مبصرن کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ تي پاڪستان جو واکاڻ جوڳو عمل آهي، هو عالمي ۽ مڪاني تجزئي نگارن جو تجزين جو جائزو وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هو چونڊن دوران غير ضروري پابندين جي مذمت ڪن ٿا ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت جي الزامن تي ڳڻتي آهي، ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ ايندڙ حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي، پاڪستان ۾ جيڪا به سياسي پارٽي حڪومت ٺاهي، هو پنهنجي پنهنجي سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط ڪرن لاءِ پرعزم آهن، اهڙو محفوظ ماحول پيدا ڪيو وڃي جيڪو پاڪستان جي عوام کي امن، جمهوريت ۽ ترقي فراهم ڪري، جنهن جا اهي حقدار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
3.8kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون