تازه ترين

غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 107 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 107 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو انگ 28 هزار تائين پهچي ويو، 67 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. عرب ميڊيا موجب، خان يونس ۾ النصر اسپتال تي حملا جاري آهن جڏهن ته يهودي فوج وچ غزه ۾ اسڪول تي بمباري پڻ ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي ويا. ٻئي پاسي جنگي جنون ۾ مبتلا اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يهودي فوج کان رفح تي حملي جو منصوبو گھري ورتو آهي. نيتن ياهو فوج کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ رفح جي پناهگير علائقي رفح تي حملي جو منصوبو پيش ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسرائيلي ڪارروائين جي حمايت ڪندڙ امريڪي صدر جوبائيڊن کي هاڻي غزه تي حملن کي حد کان وڌيڪ قرار ڏنو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
51 %
2kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون