تازه ترين

پاڪ فوج عوام ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپن تي حملي جي ڪوشش کي صبر ۽ سمجهه سان ناڪام بڻائي ڇڏيو : آرمي چيف

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج عوام ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپن تي حملي جي ڪوشش کي صبر ۽ سمجهه سان ناڪام بڻائي ڇڏيو.

بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ آرمي چيف چيو ته بچاءُ جو ڏهاڙو ۽ شهيد سندن قومي ۽ فوجي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، هي ڏينهن کين پنهنجي هٿياربند فوج جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو.

سندس چوڻ هو ته 1965ع جي جنگ ۾ هٿياربند فوج دشمن جي اڳرائي کي جرئت ۽ پيشوراڻي مهارت سان شڪست ڏني، 1965ع جي جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌي جو عظيم جذبو نظر آيو، ان جذبي سان هنن دشمن جي اڳرائي کي ناڪام بڻايو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪ فوج پنهنجي نظم، ضبط ۽ اعليٰ پيشيواراڻي معيار جي ڪري دنيا ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪ جو بچاءَ پنهنجي جان کان مٿي رکڻ پاڪ فوج جي هر آفيسر ۽ سپاهي جو عزم آهي.

هن چيو ته شهيدن جون قربانيون، غازين جا ڪارناما سندن لاءِ مثال آهن، شهيدن جي رت سان آزادي جا ڏيئا روشن ٿيندا آهن، شهيدن جي عزت ۽ احترام سندن اهم ذميواري آهي.

آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد ۽ اتحاد سندن قيمتي اثاثو آهي، تازو ئي ڪجهه عنصرن عوام ۽ فوج جي لاڳاپن تي وار ڪرڻ جي ڪريل ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ قومي اداري جي حيثيت سان وڏي صبر ۽ سمجهه سان ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج جنهن جرئت سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، اهو بي مثال آهي، پاڪستان فوج عوام جي خواهشن ۽ تمنائن جو محور آهي، مضبوط معيشيت مضبوط دفاع لاءِ لازمي آهي، گڏيل سهڪار سان پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون