تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪ فوج عوام ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپن تي حملي جي ڪوشش کي صبر ۽ سمجهه سان ناڪام بڻائي ڇڏيو : آرمي چيف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج عوام ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپن تي حملي جي ڪوشش کي صبر ۽ سمجهه سان ناڪام بڻائي ڇڏيو.

بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ آرمي چيف چيو ته بچاءُ جو ڏهاڙو ۽ شهيد سندن قومي ۽ فوجي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، هي ڏينهن کين پنهنجي هٿياربند فوج جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو.

سندس چوڻ هو ته 1965ع جي جنگ ۾ هٿياربند فوج دشمن جي اڳرائي کي جرئت ۽ پيشوراڻي مهارت سان شڪست ڏني، 1965ع جي جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌي جو عظيم جذبو نظر آيو، ان جذبي سان هنن دشمن جي اڳرائي کي ناڪام بڻايو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪ فوج پنهنجي نظم، ضبط ۽ اعليٰ پيشيواراڻي معيار جي ڪري دنيا ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪ جو بچاءَ پنهنجي جان کان مٿي رکڻ پاڪ فوج جي هر آفيسر ۽ سپاهي جو عزم آهي.

هن چيو ته شهيدن جون قربانيون، غازين جا ڪارناما سندن لاءِ مثال آهن، شهيدن جي رت سان آزادي جا ڏيئا روشن ٿيندا آهن، شهيدن جي عزت ۽ احترام سندن اهم ذميواري آهي.

آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد ۽ اتحاد سندن قيمتي اثاثو آهي، تازو ئي ڪجهه عنصرن عوام ۽ فوج جي لاڳاپن تي وار ڪرڻ جي ڪريل ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ قومي اداري جي حيثيت سان وڏي صبر ۽ سمجهه سان ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج جنهن جرئت سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، اهو بي مثال آهي، پاڪستان فوج عوام جي خواهشن ۽ تمنائن جو محور آهي، مضبوط معيشيت مضبوط دفاع لاءِ لازمي آهي، گڏيل سهڪار سان پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
28 %
2kmh
21 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون