تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

6 سيپٽمبر جو ڏهاڙو اسان جي قومي جرئت ۽ بهادري جو هڪ مثال آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏهاڙو اسان جي قومي جرئت ۽ بهادري جو هڪ مثال آهي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي بچاءُ واري ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع ڪرڻ لاءِ متحد ۽ هر وقت تيار آهي.

سندس چوڻ هو ته صبر ۽ حوصلي تي شهيدن جي خاندانن کي  خراج تحسين پيش ڪريان ٿو .

پ پ چيئرمين چيو ته اها فخر جوڳي  ڳالهه آهي ته قومي دفاع جي ميدان ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگي تاريخي ۽ شاندار آهي.

هن چيو ته قومي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام جي بنياد رکڻ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ تحفو هو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو ڏئي وطن جي دفاع کي وڌيڪ جديد ۽ مضبوط ڪيو.

هن چي ته شهيد ڀٽو کانپوءِ صدر آصف علي زرداري هٿياربند فوج جي جوانن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪئي.

پ پ چيئرمين چيو ته صدر آصف علي زرداري جوانن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري سندن عظيم خدمتن تي قوم طرفان کين خراج تحسين پيش ڪيو.

هن چيو ته پيپلز پارٽي والاريل ڪشمير جي آزادي تائين ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير پاڪستان ساهه واري رڳ آهي،ڪشميري پنهنجي منزل حاصل ڪري رهندا.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ دشمنن جي منصوبن کي ناس ڪرڻ ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ايٽمي پروگرام ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ذريعي ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪري ڇڏيو، هاڻي ملڪ مان مهانگائي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
39 %
3.5kmh
34 %
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون