تازه ترين

پنجاب حڪومت ٽي ايل پي سربراهه سعد رضويءَ جا اثاثا سيل ڪندي ڪريڪ ڊائون جو اعلان

- Advertisement -
پنجاب حڪومت ٽي ايل پي سربراهه سعد رضويءَ جا اثاثا سيل ڪندي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو ته سعد رضوي جي نالي تي موجب 95 بئنڪ اڪائونٽ ۽ سندس ملڪيتون سيل ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مذهبي پارٽيءَ جي قيادت کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي، سندن خلاف سخت ڪريڪ  ڊائون جاري آهي. سندس چوڻ هو ته مذهبي پارٽي جو سوشل ميڊيا سيل اڃا به پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي، سٿرا پنجاب جون گاڏيون ڦري انهن تي سفر ڪيو ويو، ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جون گاڏيون به رکي عملي تي تشدد ڪيو ويو. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته سيف سٽي جون ڪئمرائون ٽوڙيون ويون جيئن ثبوت ختم ڪري سگهجن پر سموريون شاهديون موجود آهن. هن چيو ته اسلام جي نالي تي لکين رپيا چندو گڏ ڪيو ويو، سعد رضويءَ جي گهران هڪ ڪلو 920 گرام سون، 898 گرام چاندي ۽ 28 سون جا ڪنگڻ هٿ آيا. اطلاعات کاتي جي وزير چيو ته سياستدانن ۽ صهافين کي ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ منظم سيل بڻايو ويو هو، هو والدين ۽ ٻارن کي اپيل ڪن ٿا ته اسلام جي نالي تي استحصال برداشت نه ڪيو وڃي، ڪنهن جي قبر کي ڪيڏانهن به منتقل نه پيو ڪيو وڃي، قبر جو استعمال ڪري چندو گڏ ڪرڻ يا ڏڦيڙ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته 43 سئو ماڻهو مذهبي پارٽيءَ کي باقاعده طور فنڊنگ ڪندا هئا، جن جا اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن، سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪا به مسجد نه پئي ڊاهي وڃي مذهبي پارٽيءَ جون سموريون مسجدون اوقاف کاتي حوالي ڪيون  وينديو، ڪارروائي ڪنهن مذهبي فرقي نه پر هڪ مخصوص سوچ خلاف آهي. عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز  ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا پورا ڪيا، مريم نواز 33 موبائل پوليس اسٽيشنن جو افتتاح ڪيو آهي، جن ۾ ست پنڪ موبئال پوليس اسٽيشنون آهن جتي عورت اهلڪار مقرر رهنديون………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.7 ° C
29.7 °
29.7 °
15 %
5kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون