تازه ترين

پنگريو ويجهو زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي

- Advertisement -
پنگريو ويجهو زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. ڳوٺ روپاڙو ۾ زميني تڪرار تان جوڻيجا ۽ آرائين برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب ڳوٺ مهراب چانڊيو واسي خالد چانڊيو مارجي ويو، جڏهن ته جاويد جوڻيجو زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪري آرائين برادري جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون