تازه ترين

پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ  ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 47 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 201 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان امام الحق 61،  شاداب خان 39 ۽ افتخار احمد 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان 3، محمد نبي ۽ راشد خان 2-2  وڪيٽون ورتيون.

پاڪستان طرفان مليل 202 رنسن جي حدف جي جواب ۾  پوري افغان ٽيم 59 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

افغان ٽيم طرفان 9 رانديگر  ڊبل فگر ۾ ئي داخل نه ٿي سگهيا، رڳو رحمت الله گرباز 18 ۽ عظمت الله عمرزئي سورهن رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان حارث رئوف 5، شاهين شاهه آفريدي 2، شاداب خان ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ  24 آگسٽ تي خميس ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون