- Advertisement -
ڊي اي او خيرپور اسڪولن مان غير حاضر رهڻ تي ٻن هيڊ ماسترن سميت 15 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر علي احمد راڄپر مختلف اسڪولن جا دورا ڪري غير حاضر رهڻ تي گسٽا تعلقي صدر ۽ 2 هيڊ ماسترن سميت 15 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو.
معطل استادن ۾ ايڇ ايس ٽي غلام قادر شر، جي ايس ٽي آصف شر، امداد شر، علي احمد شر ۽ جمال الدين شر ۽ ٻيا شامل آهن.


