آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته اڄ به انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿيو آهي.
انٽر بينڪ ۾ ڊالر 90 پيسا سستو ٿيڻ بعد 294 رپين جو ٿي ويو.
گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر 294 رپيا 90 پيسا جو هو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو اڄ به هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 56 پوائنٽس جي اضافي سان 45 هزار 967 تي اچي ويو.
گذريل ڏينهن هنڊريڊ انڊيڪس 45 هزار 910 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.


